ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب عثمان انور ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان رابطو ڪيو ۽ ڌاڙيلن خلاف انٽيلجنس بيسڊ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ان حوالي سان نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر ايرياز ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ ٻنهي صوبن جي پوليس کي هڪ ٻئي جي مدد جي ضرورت پوندي رهي آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي.
هن چيو ته آءِ جي پنجاب سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته گهوٽڪي، ڪشمور، پنجاب ۾ راجنپور ۽ رحيم يار خان جي بارڊر ايرياز ۾ ٻنهي صوبن جي پوليس ڀرپور ڪريڪ ڊائون ڪندي، پهريان ڌاڙيل حدبندين جو فائدو وٺي ڪڏهن سنڌ ته ڪڏهن پنجاب ۾ پناهه وٺندا هئا پر هاڻي صورتحال مختلف آهي، هاڻي ٻنهي صوبن جا آءِ جي هڪ پيج تي آهن، هاڻي اثرائتي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي عمل ٿيندي نظر ايندو.
You might also like