پاڪستان ۾ ايم پاڪس وائرس جو ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيڻ جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت جي قومي اداري پاڪستان ۾ ايم پاڪس وائرس جو ٻيو ڪيس پشاور ايئرپورٽ تي رپورٽ ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

صحت جي عالمي اداري گذريل هفتي وائرس جي نئين قسم ڪليڊ 1 بي جي سڃاڻپ کانپوءِ پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو هو.

وزيراعظم جي صحت بابت ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جو ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي جيڪو دبئي مان آيو آهي.

پشاور هوائي اڏي تي هيلٿ ڊيسڪ مريض ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ته سندس ٽيسٽ هاڪاري آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.