”ماضي جيان گوڙ ڪيو پيو وڃي پر آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي منظوري ڏيندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي وقت به گوڙ ڪيو ويو ته عالمي مالياتي فنڊز معاهدي جي منظوري نه ڏيندو، هاڻي به اهڙو ئي گوڙ ڪيو پيو وڃي ته اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري نه ٿيندي، ماضي جيان هن ڀيري به آءِ ايم ايف بورڊ پروگرام جي منظوري ڏيندو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪمرشل بينڪن سان فنڊز جي فراهمي لاءِ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، عالمي ايجنسين طرفان ريٽنگ بهتر ٿيڻ سان ڪمرشل بينڪن جو رد عمل هاڪاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.