رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي ڪچي ۾ گذريل رات ڌاڙيلنجي حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار سعيد احمد جو بيان سامهون اچي ويو.
گذريل رات پوليس جي گاڏي تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿيا هئا. پوليس اهلڪار شفٽ جي تبديلي کانپوءِ واپس وڃي رهيا هئا ته ڌاڙيلن کين نشانو بڻايو هو.
حملي ۾ زخمي پوليساهلڪارجو چوڻ آهي تهڌاڙيلن هلندڙ گاڏي تي راڪيٽ لانچر جا برسٽ هنيا هئا. ڌاڙيل ڪمند جي فصل ۾ تاڙ ۾ ويٺا هئا جن حملو ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته گهڻو ڪري اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿيا اسان ريڙهيون پائيندي جان بچائي، گاڏي خراب نه ٿي هئي نه ئي رستي ۾ بند ٿي هئي.