ڀارت: دواساز فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 17 ڄڻا اجل جو شڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي فارما سيوٽيڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪي سان 17 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ڀارتي اختيارين موجب ڌماڪو فارما سيوٽيڪل فيڪٽري جي ڪيميڪل ري ايڪٽر ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي.
رپورٽ موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 40 زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اختيارين چيو ته واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪمپني طرفان اڃا تائين معاملي تي ڪو بيان سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.