پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت گرفتار، ٿاڻي منتقل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.
پوليس جي وڏي نفري شير افضل مروت کي حراست ۾ وٺي گولڙا ٿاڻي منتقل ڪيو، ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي اڄ ترنول ۾ جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪارڪن پهتا هئا.
گرفتاري کان اڳ شير افضل مروت ۽ سندس ساٿين جي پوليس سان جهيڙي جي وڊيو به منظر تي اچي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس پارٽي سان سخت مزاحمت ڪئي وئي، پوليس اهلڪارن کي ڌڪا ڏنا ويا ۽ گهٽ وڌ به ڳالهايو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.