پي ٽي آءِ جي سياسي ۽ ڪور ڪميٽي جلسو رد ڪرڻ جي فيصلي کان لاعلم، اپوزيشن اتحاد به ڪاوڙجي پيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سياسي ۽ ڪور ڪميٽي جلسو رد ڪرڻ جي فيصلي کان لاعلم نڪتي.
پارٽي ذريعن موجب ڪور ڪميٽي ميمبرن جلسو رد ڪرڻ جي فيصلي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته سياسي ڪميٽي ميمبرن به جلسو رد ڪرڻ جي اعلان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
اپوزيشن ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي جماعتن سان به ڪا مشاورت نه ڪئي وئي، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت ۽ جماعتون جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ تيار هيون، جڏهن ته اپوزيشن الائنس جي جماعتن کي آگاهه ڪرڻ بنا جلسو رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
اپوزيشن ذريعن موجب اپوزيشن اتحاد جي جماعتن ۽ قيادت کي ميڊيا ذريعي جلسو رد ڪرڻ جو اطلاع مليو، جلسي سبب ايم ڊبليو ايم سربراهه علامه ناصر عباس ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهيو.
ذريعن ٻڌايو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي جماعتن جلسو رد ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳيان سخت موقف رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.