اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ، ٻه ٻار مارجي ويا، 5 زخمي

اٽڪ (ويب ڊيسڪ) اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ سان ٻه ٻارڙا مارجي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب اٽڪ جي علائقي ڍيري ڪوٽ ۾ اڻڄالت ماڻهن اسڪول وين تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ مارجي ويل ٻارن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته ٻارن جي عمر 5 کان 10 سالن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته فائرنگ سان وين جو ڊرائيور به زخمي ٿيو.
هوڏانهن وزيراعليٰ مريم نواز واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪمشنر راولپنڊي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ زخمين کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري به اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي ظالماڻو ۽ شرمناڪ فعل آهي، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.