ممبئي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا سجل علي هڪ ڀيرو ٻيهربالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 2017 ۾ سرڳواسي سري ديوي سان گڏ بالي ووڊ ڊيبيو ڪندڙ سجل علي هاڻ پرڀاس سان فلم ۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندي.
رپورٽ موجب، سجل علي ڀارتي فلم فوجي ۾ پرڀاس سان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، فلحال فلم جا وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
ٻئي پاسي سجل علي طرفان هڪ ڀيرو وري بالي ووڊ فلم ۾ ڪم ڪرڻ وارين خبرن جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.
ياد رهي ته اداڪارا سجل علي ان کان اڳ 2017 ۾ رليز ٿيل بالي ووڊ فلم ”موم“ ۾ سرڳواسي اداڪارا سري ديوي جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪري چڪي آهي، فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ پاڪستاني اداڪار عدنان صديقي ۽ نواز الدين صديقي شامل هئا.
You might also like