فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي ۽ گئس جي ڳرن بلن کان تنگ شخص ٽرين آڏو اچي ويو، فدا حسين جي گهر جو بجلي جو بل 24 هزار 800 ۽ گئس جو بل 3500 رپيا آيو هو.
بجلي ۽ گئس جي بلن عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو، ڏينهون ڏينهن مهانگائي غريبن لاءِ موت جو پروانو ثابت ٿي رهي آهي.
فيصل آباد ۾ بجلي ۽ گئس جي ڳرن بلن کان تنگ شهري مبينا طور ٽرين آڏو اچي پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
ملت ٽائون واسي فدا حسين ڊراءِ پورٽ ڀرسان آپگهات ڪيو، علائقي واسين موجب هو ڪجهه مهينن کان بيروزگاري سبب بل نه ڀري سگهيو.
You might also like