انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ هڪ اوور ۾ سڀ کان وڌيڪ 39 رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي، اِهو رڪارڊ سموآ ۽ وانا واتو وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران قائم ٿيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سڀ ريجنل ايسٽ ايشيا پيسيفڪ ڪواليفائر ۾ سموآ ۽ وانا واتو جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون.
سموآ جي بيٽر ڊاريئس ويسر نالن نپيڪو جي اوور ۾ ڇهه ڇڪا هنيا، ان کانسواءِ نپيڪو اوور ۾ ٽي نوبال پڻ ڪيا جنهن بعد هن مجموعي طور هڪ اوور ۾ 39 رنسون ڏئي هڪ بدترين رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ اوور م سڀ کان وڌيڪ 36 رنسن جو رڪارڊ هو، 2007 ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پهرين ايڊيشن دوران ڀارتي آل رائونڊر يورياج سنگهه انگلينڊ جي اسٽورٽ براڊ جي اوور ۾ 36 ڇڪا هنيا هئا.
2021 ۾ اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان ڪيرن پولارڊ 2024 ۾ نڪولس پوران، دپيندرا سنگهه ايري، روهت شرما ۽ رنڪو سنگهه به هڪ اوور ۾ 36 رنسون ٺاهي چڪا آهن.
You might also like