ميلبورن (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ چيو آهي ته سندس عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو ڪو ارادو نه آهي.
هڪ بيان ۾ اسٽيو سمٿ چيو ته هو هن وقت راند جي ٽنهي فارميٽن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي، ايندڙ سيزن جو منتظر آهي، ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز هڪ چئلينج آهي ڇوته اِها هڪ مضبوط ٽيم آهي.
هن چيو ته سندس خيال ۾ دنيا جون ٻه بهترين ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيڻ وارو آهي، ٽيسٽ ۾ اوپننگ جاري رکڻ بابت غور ويچار ڪري رهيا آهيون، فلحال سمورو ڌيان انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريزجي تيارين تي کتل آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هو آسٽريليا لاءِ ڪهڙي به پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ تيار آهي.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ مان ڊراپ ٿيڻ ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ فلاپ ٿيڻ تي اسٽيو سمٿ جي رٽائرمينٽ ٿيڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون.
You might also like