بشريٰ بي بي کي 9 مئي جي 12 ڪيسن مان آجو ڪيو ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي 9 مئي سانحي جي 12 ڪيسن مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، 9 مئي جي ڪيسن جا جاچ آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته بشريٰ بي بي طرفان سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو.
پنڊي پوليس بشريٰ بي بي جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، وڪيل طرفان درخواست تي دليل ڏنا ويا، عدالت بشريٰ بي بي جي جسماني رمانڊ جي پوليس جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ کيس 12 ڪيسن مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو.
بشريٰ بي بي کي راولپنڊي ۾ 9 مئي جي واقعن تي 12 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.