اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس ريفرنس 4 سالن کانپوءِ بند ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، نيب نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس ريفرنس بند ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا نيب جي درخواست منظور ڪئي.
وفاقي وزير احسن اقبال کي هاءِ ڪورٽ اڳ ئي 2022 ۾ بري ڪري چڪي آهي، جڏهن ته اڳوڻي ڊي جي اسپورٽس بورڊ اختر نواز گنجيرا خلاف به ريفرنس ختم ڪيو ويو.
نارووال اسپورٽس سٽي اسڪينڊل ۾ نيب 23 ڊسمبر 2019 ۾ احسن اقبال کي گرفتار ڪيو هو.
نيب 2020 ۾ نارووال اسپورٽس سٽي ريفرنس داخل ڪيو هو، 2022 ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احسن اقبال کي بري ڪيو هو.
نيب هاءِ ڪورٽ جي احسن اقبال کي بري ڪرڻ جو حوالو ڏئي ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.
Next Post
You might also like