پنڊي ٽيسٽ ۾ برسات جو امڪان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 21 آگسٽ ( سڀاڻي )کان شروع ٿيندي پر ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي کاتي طرفان راولپنڊي ٽيسٽ دوران صبح جي وقت ڪجهه علائقن ۾ تيز آنڌاري سان وسڪاري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، ميچ واري صبح جو چاليهه سيڪڙو برسات جو امڪان آهي جڏهن ته هوا ۾ گهم جو تناسب 85 سيڪڙو هوندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته منجهند جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي لحاظ کان موسم بهتر ٿيڻ جي اميد آهي ۽ گرمي پد 31 سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو جڏهن ته برسات جو امڪان رڳو 7 سيڪڙو آهي.
اهڙي ريت شام جي وقت ۾ گرمي پد 26 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو، گهم جو تناسب 73 سيڪڙو رهندو جڏهن ته برسات جو امڪان ناهي.
ان کان اڳ موسميات کاتي جو چوڻ هو ته ميچ جي پنجين ڏينهن يعني 21 کان 25 آگسٽ تائين برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.