راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مچي سڀاڻي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽيسٽ سيريز لاءِ ٽرافي جي مهورت ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ۽ بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسن شرڪت ڪئي.
ٻنهي ڪپتانن ٽرافي سان گڏ راولپنڊي اسٽيڊيم ۽ دامنِ ڪوه ۾ ٽرافيءَ سان گڏ تصويرون ڪڍرايون.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪپتان شان مسعود چيو ته شوقين سدائين چاهيندا آهن ته ڪرڪيٽ ٽيم سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ۽ سندن لاءِ ميچ کٽي، اسان وٽ ڪرڪيٽرن جو هڪ باصلاحيت گروپ آهي جيڪو سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ بي تاب آهن.
شان مسعود چيو ته فاسٽ بالرن اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو سبب راولپنڊي جي پِچ آهي ڇو ته اتي تيز بالرن کي وڌيڪ مدد ملندي جڏهن ته اسپنرن جو ڪردار اثرائتو ناهي.
مير حمزا جي جاءِ تي محمد علي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ واري سوال تي شان مسعود چيو ته نوجوان ڪرڪيٽر علائقائي ڪرڪيٽ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو آهي جڏهن اوور ڪاسٽ ڪنڊيشنز ۾ هو ٽيم لاءِ وڪيٽون حاصل ڪري سگهي ٿو .
هن چيو ته بالنگ لائين اَپ ۾ شاهين آفريدي، نسيم شاهه به ٽيم کي جلد وڪيٽون ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، ٻنهي ڪرڪيٽرز ۾ سوئنگ ۽ سيم صلاحيتون آهن، جيڪا ٽيم لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي بنگلاديشي ٽيم جي ڪپتان نجم الحسن شانتو چيو ته پاڪستان خلاف سيريز انتهائي اهم آهي ۽ اسان ڄاڻو ٿا ته پاڪستان باصلاحيت ٽيم آهي.
هن چيو هيءَ سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي ۽ اسان ڄاڻو ٿا ته هر ميچ انتهائي اهم آهي.
نجم الحسن چيو ته بنگلاديش اي ۽ پاڪستان شاهينز وچ ۾ سيريز اسان جي رانديگرن کي ڪنڊيشنز جو چڱي ريت اندازو لڳائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
You might also like