نيب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف نئون توشا خانا ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف نئون توشا خانا ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.
نيب طرفان احتساب عدالت ۾ ريفرنس جاچ آفيسر محسن هارون ۽ ڪيس آفيسر وقار الحسن داخل ڪيو، جيڪو ٻن جلدن تي ٻڌل آهي.
ذريعن موجب نيب طرفان داخل نئين توشا خانا ريفرنس جو احتساب عدالت جو رجسٽرار جائزو وٺندو، اعتراض ختم ڪرڻ کانپوءِ ريفرنس احتساب عدالت جي ايڊمنسٽريٽو جج کي موڪليو ويندو، جنهن کانپوءِ ايڊمنسٽريٽو جج ريفرنس تي پاڻ يا ڪنهن ٻي احتساب عدالت کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪندو.
ايڊمنسٽريٽو جج ناصر جاويد راڻا اڳ ئي 190 ملين پائونڊ ريفرنس تي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي.
نيب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کان اڊيالا جيل ۾ جاچ ڪئي هئي ۽ ٻنهي کي 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته ٻئي جاچ لاءِ 37 ڏينهن نيب جي تحويل ۾ رهيا.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي نيب طرفان سوال نالو به فراهم ڪيو ويو هو ۽ ٻنهي جوابدارن سوال نامي جا جواب نيب کي جمع ڪرائي ڇڏيا هئا، جنهن کانپوءِ جاچ مڪمل ٿيڻ تي 19 آگسٽ تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي جڊيشل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.