اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو آهي ته جيڪو ڪجهه اڄ ٿي رهيو آهي، ايترو ئي گذريل حڪومتي دور ۾ به ٿي رهيو هو، تنهن ڪري انهن ۾ ۽ هنن ۾ ڪو فرق ناهي پر اسان کي آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ اڳواڻ اظهر مشواڻي جي ٻن گم ٿيل ڀائرن جي آزادي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ درخواستگذار اظهر مشواڻي جي پيءُ جو وڪيل ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن ريمارڪس ڏنا ته گهرو سيڪريٽري، پوليس، گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي چئي رهي آهي ته ماڻهو اسان وٽ ناهن، ڪنهن عام ماڻهو يا اسٽيٽ اهلڪارن گم ڪيو آهي ته ٻنهي صورتن ۾ ڏوهه آهي، مسنگ پرسن جيترا هن حڪومت ۾ ٿي رهيا آهن، ايترا ئي گذريل حڪومت ۾ ٿي رهيا هئا.
عدالت چيو اسان آئين ۽ قانون کي ڏسي فيصلو ڪنداسين، اميد ته اٽارني جنرل جي ڪوشش سان اهي ماڻهو ريڪور ٿيندا، جيڪڏهن ڪو چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪري ٿو ته قانون موجب منهن ڏينداسين، ان ۾ ڀائرن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ پيءَ کي پٽ جو ۽ پٽ کي پيءَ جو ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي.
درخواستگذار جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته اظهر مشواڻي جي پيءُ کي کنيو ويو ۽ 10 ڏينهن کانپوءِ ڇڏيو ويو، اظهر مشواڻي کي به کنيو ويو هو ۽ 9 ڏينهن کانپوءِ ڇڏيو ويو هو، سندس ڀائرن کي کنيو ويو، اڄ 72 ڏينهن ٿي ويا آهن، کين ناهي ڇڏيو ويو، جڏهن ته اظهر مشواڻي کي فون تي ٻڌايو ويو ته سندس ڀائر اسلام آباد ۾ آهن.
بابر اعواڻ چيو ته جن گاڏين مغوين کي گهر مان کنيو، انهن جي روٽس کي به ٽريس ڪيو وڃي، ان تي جسٽس گل حسن پڇيو ته ڇا توهان وٽ سي سي ٽي وي موجود آهي؟
عدالت هدايت ڪئي ته گاڏين بابت جيڪا ڄاڻ آهي، اها ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ جيڪڏهن سي سي ٽي وي آهي ته اسان اسڪرين لڳائڻ جو چئون.
پوءِ عدالت سي سي ٽي وي طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like