سلمان خان جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري

ممبئي(ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ٽن ڏهاڪن کان مداحن جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.
سلمان خان پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران ڪيئي سپر هٽ فلمون ڏنيون، اِهو ئي سبب آهي جو مداح سندس فلم جو بي صبري سان انتظار ڪندا آهن، پر سندس گذريل ڪجهه فلمون وڌيڪ بزنس ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون جنهن کانپوءِ سندس مداح ڪجهه مايوس ٿيا.
پر هاڻي سلمان خان جي پرستارن لاءِ هڪ خوشخبري سامهون آئي آهي، بالي ووڊ سلطان جي ڪا نئين فلم نه پر 35 ورهيه اڳ رليز ٿيندڙ سپر هٽ فلم ” مين ني پيار ڪيا “ کي ٻيهر سئنما گهرن ۾ رليز ڪيو پيو وڃي.
ڀارتي ميڊيا موجب، فلم مين ني پيار ڪيا ذريعي سلمان خان بالي ووڊ ۾ انٽري ڏني، فلم 23 آگسٽ تي ڀارت جي مخصوص ٿيٽرز ۾ ٻيهر رليز ڪئي ويندي.
راج شري پروڊڪشن جي اِها فلم سڀ کان پهرين 29 ڊسمبر 1989 تي رليز ڪئي ٿي، ٻه ڪروڙ رپين جي بجيٽ جي فلم سموري دنيا مان اٽڪل 30 ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا جنهن کانپوءِ اِها سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ بالي ووڊ فلم بزنس جي حساب سان اسيءَ جي ڏهاڪي جي ڪامياب ترين ڀارتي فلم هئي.
واضح رهي ته ان فلم جي ڪاميابي سلمان خان ۽ ڀاگيه شري کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.