رڳو پنجاب کي رليف ڏيڻ ووٽ وڌائڻ جي راند آهي: فاروق ستار

ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته پنجاب کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ رڳو ووٽ بئنڪ وڌائڻ جي  سياسي راند آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ سبب روزانو استعمال جون شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن، ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اها بي حسي آهي ته بل نه گهٽايو پر بلن جا اگهه جتي هئا اتي ئي رهڻ ڏيو، فاروق ستار چيو ته هو اسان کان 3 کان 5 رپيا اضافي وٺي رهيا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ جي ڊسڪوز تي 31 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪراچي ۾ اسان جي صنعتن کي فيول چارجز جي مد ۾ 3 کان 5 رپيا ايڊجسٽمينٽ ٿي رهي آهي ته ان جو مطلب شهرين ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ واضح پيغام آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.