اسلام آباد(انصار عباسي) آءِ ايس آءِ جو گرفتار اڳوڻي ڊي جي جنرل(ر) فيض حميد ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ ٻئي سان رابطي ۾ هئا،جاچ ۾ ٻنهي وچ ۾ رابطي جي تصديق ٿي وئي،رابطن جي نوعيت سماجي هئي يا مجرماڻي نوعيت جي اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي، ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي افواهه آهن ته ثاقب نثار کي ٻاهرين ملڪ گرفتار ڪيو ويندو، اختيارين هن جي گرفتاري جو اهڙو ڪو اشارو ناهي ڏنو، سندن دعويٰ آهي ته ثاقب نثار خلاف ملندڙ مواد جي نوعيت مختلف آهي،ذريعن ان ڳالهه جي به تصديق نه ڪئي ته جنرل فيض يا ثاقب نثار 9 مئي جي حملن ۾ ملوث هئا، اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ثاقب نثار به اختيارين جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، انهن اختيارين جو اهو مڃڻ آهي ته کين اڳوڻي چيف جسٽس خلاف به ڪجهه مواد مليو آهي ٻئي پاسي لنڊن ويٺل ثاقب نثار سوشل ميڊيا تي ڦهلايل ڳالهين کي رد ڪيو ته ملڪ ۾ هن جي غيرموجودگي جو تعلق جنرل فيض جي گرفتاري سان آهي،هر سال ٻن ٽن هفتن لاءِ ٻاهرين ملڪ ويندو آهيان، ٻن هفتن کانپوءِ وطن واپس اچي ويندس، هن چيو ته ملڪ جي موجوده حالتن سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي،سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن جي ترديد ڪريان ٿو.