فيض حميد ذاتي بغض ۾ جنرل عاصم منير کي فوج ۾ ”اجنبي“ جو مهڻو ڏيندو رهيو

اسلام آباد(عمران شفقت)جنرل فيض انا جي جنگ ۾ پاڻ ئي ڦاسي پيو،فيض حميد جنرل عاصم منير جي وڪڙ ۾ اچي ويو،ان عمل سان ٻيون سياسي پارٽيون به شينهن ٿي ويون، اها ويڙهه عمران خان-عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ نه هئي پر جنرل عاصم منير سان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي دور کان ئي بغض رکيو ويو، فيض حميد رٽائرمينٽ کانپوءِ به عاصم منير خلاف بس نه ڪئي،حالانڪه ”وڏي عهدي“خاطر ساڻس عداوت رکندڙ ڪجهه جنرلن هن جي آرمي چيف بڻجڻ کانپوءِ معافي وٺي ڇڏي هئي پر فيض حميد جي ڪاوڙ برقرار رهي،رٽائرمينٽ کانپوءِ به هن عاصم منير خلاف مهم جاري رکي ۽ کيس اوٽي ايس(آفيسرز ٽريننگ اسڪول) آفيسر ڪوٺي فوج ۾ ”اجنبي“قرار ڏنو،هو ججن،سياستدانن،سول بيوروڪريسي جي شخصيتن کي چوندو هو ته فوج جنرل عاصم منير کي پنهنجو سربراهه ڪڏهن به نه مڃيندي،9 مئي واقعا عمران خان کي واپس اقتدار ڏيارڻ لاءِ نه پر عاصم منير کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ هئا،ججن ذريعي انقلاب آڻڻ لاءِ هن وڏا هٿ پير هنيا،پاڪستان جو ماضي اهڙن تماشن سان ڀريو پيو آهي، اڳوڻن تماشن تي رياست خاموشي ٽوڙي ڪارروائي ڪري ها ته اڄ جيڪو تماشو لڳل آهي اهو نه ٿئي ها،آڊيوز مٿان آڊيوز اچي رهيون آهن پر اعليٰ عدليه ۾ ويٺل نام نهاد منصف منع نامي مٿان منع نامو جاري ڪري رهيا آهن،عمر عطا بنديال جي سس ماه جبين طارق ۽ رافيعه طارق جي آڊيو کانپوءِ آڊيوز جو ڍير لڳل هو، حڪومت جسٽس قاض فائز جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪميشن ٺاهيو پر اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي سس کي بچائڻ لاءِ اسٽي جاري ڪري ڇڏيو،فيض حميد هڪ متوازي نظام بڻائي رکيو هو، پر هاڻي کڏي لائن لڳڻ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه وچ ۾ ويڙهه جو ڀرم به کلي ويندو،عدليه ۾ ڪجهه عنصر فيض حميد جي لائن تي هلي رهيا هئا اها لائن هاڻي ڪاٽي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 20 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.