ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ هدايتڪار مدثر عزيز سپر اسٽار شاهه رخ خان کي زبان تي قائم رهندڙ اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو.
بالي ووڊ هدايتڪار پنهنجي هڪ انٽرويو دوران شاهه رخ خان جي 2010 ۾ پنهنجي فلم ۾ ڪيميو جي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ کيس زبان تي قائم رهندڙ اداڪار قرار ڏنو.
سندس چوڻ هو ته 2010 ۾ رليز ٿيندڙ فلم ” دُلها مل گيا“ ۾ فردين خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته فلم ۾ شاهه رخ خان مهمان اداڪار طور نظر آيو هو ۽ اِها فلم باڪس آفيس تي ناڪام ٿي وئي هئي.
هن چيو ته فلم ۾ کوڙ ساريون خاميون هيون جنهن کان انڪار ممڪن ناهي، فلم جو سيٽ ڪِري پيو هو ۽ ان سان گڏوگڏ معاشي طور به ڏچي ۾ پئجي ويا هئاسين، فلمساز ويوويڪ سان دوستيءَ سبب شاهه رخ خان مهمان اداڪار طور فلم ۾ ڪم جي حامي ڀري.
مدثر عزيز چيو ته مسلسل پيش ايندڙ واقعن باوجود شاهه رخ خان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو پر هو آخر تائين پنهنجي واعدي تي قائم رهيو، هو پٺاڻ آهي، مان پٺاڻ آهيان ۽ ڄاڻان ٿو ته اسان جي زبان ۽ لفظن جي قيمت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته شاهه رخ خان ڀرجهلو ۽ بهترين دوست آهي، هو وڏي دل وارو انسان آهي، هن مهمان طور فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو معاوضو به نه ورتو هو.
واضح رهي ته تازو ئي ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي هدايتڪار مدثر عزيز جي فلم ” کيل کيل مين “ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ اڪشي ڪمار، فردين خان ۽ تاپسي پنو سميت ٻين مرڪزي ڪردار نڀايو هو.
فلم باڪس آفيس تي ٻوٽو ٻارڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ٽن ڏينهن دوران صرف يارنهن ڪروڙ ڀارتي رپين جو ڪاروبار ڪري سگهي.