ديا مر ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گاڏي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، 6 ڄڻا اجل جو شڪار

چلاس (ويب ڊيسڪ ) چلاس ڀرسان ٿور واري علائقي ديامر ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي کڻي ويندڙ گاڏي کاهي ۾ ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.
پوليس موجب، گاڏي بريڪ فيل ٿيڻ سبب ٿور مينار وٽ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ ڇهه ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪارن آر ايڇ ڪيو اسپتال چلاس منتقل ڪري ڇڏيو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ ڪُل اٺ پورهيت سوار هئا، پورهيت ديا مر ڀاشا ڊيم جي سائيٽ تي مزدوري ڪرڻ وڃي رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.