ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽريءَ جي خوبرو اداڪارا عائزا خان يوٽيوب تي پنهنجو نالو سرچ ڪندي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
عائزا خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل جي اسٽوري ۾ يوٽيوب وڊيو جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن تي لکيل هو ته ” دانش تيمور ناراض عائزا خان کي پرچائڻ لاءِ لنڊن وٺي ويو!“
اداڪارا اِهو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي چيو ته هوءَ پنهنجو ڊرامو ڏسڻ لاءِ يوٽيوب تي پنهنجو نالو سرچ ڪيو ته کيس مداحن طرفان ٺاهيل ڊرامو ملي ويو.
هن دانش تيمور کي مخاطب ڪندي چيو ته” ڇا واقعي ائين آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته مان اوهان سان ناراض آهيان، هاڻي مون کي پرچائڻ لاءِ لنڊن وٺي هل.“
واضح رهي عائزا خان ۽ اداڪار دانش تيمور 2014 ۾ شادي ڪئي، جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي، جوڙو ڪجهه ڏينهن اڳ موڪلون ملهائڻ لاءِ پنهنجي ٻارن سوڌو برطانيا ۾ موجود هو.
You might also like