اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ پنجاب پهرئين نمبر تي اچي ويو.
سال 2021 کان وٺي 2023 تائين انساني حقن جي ڀڇڪڙين جي رپورٽ جاري ڪئي وئي، اها رپورٽ انساني حقن واري وزارت جاري ڪئي آهي، ان عرصي دوران عورتن سان زيادتي، تشدد، قتل جا 13 هزار 904 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا.
رپورٽ موجب پنجاب ۾ عورتن تي تشدد، زيادتي ۽ قتل جا 4 هزار 376 ڪيس رپورٽ ٿيا، گهريلو تشدد جا 121، زيادتي جا 999 ۽ قتل جا 3 هزار 256 ڪيس رپورٽ ٿيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبر پختونخواهه ۾ زيادتي جا 59، گهريلو تشدد جا 43 ڪيس رپورٽ ٿيا، قتل جا 3 هزار 906 ڪيس رڪارڊ ٿيا.
سنڌ ۾ گهريلو تشدد جا 219، زيادتي جا 266 ۽ قتل جا 3 هزار 296 ڪيس رپورٽ ٿيا.
انساني حقن واري وزارت جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ زيادتي جا 107، گهريلو تشدد جا 521 ۽ قتل جا هڪ هزار 21 ڪيس رڪارڊ ٿيا.
رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ گهريلو تشدد جا 32، قتل جا 48 ۽ زيادتي جا 10 ڪيس سامهون آيا.
You might also like