ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي تڪراري اداڪارا ۽ سياستدان ڪنگنا رناوت بالي ووڊ فنڪارن کي بيوقوف ۽ دماغَ کان خالي قرار ڏيندي چيو آهي ته بالي ووڊ پارٽيز ڪنهن صدمي کان گهٽ ناهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪنگنا رناوت ويجهڙائي ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن بالي ووڊ فنڪارن جي رهڻي ڪهڻي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا.
ميزبان جي هڪ سوال جي جواب ۾ ڪنگنا چيو ته بالي ووڊ ۾ سندس ڪو به دست ناهي ڇو ته بالي ووڊ سان واڳيل هر شخص خود غرض، بيوقوف، خالي دماغ ۽ پاڻ پڏائيندڙ آهي.
هن چيو ته بالي ووڊ فنڪارن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪو موضوع به ناهي هوندو، انهن کي اِها به خبر ناهي ته دنيا ۾ ڇا پيو واهي واپري، اهڙن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟
اداڪارا جي ڳالهه ٻڌي ميزبان چيو ته پوري بالي ووڊ انڊسٽري هڪ جهڙي نٿي ٿي سگهي، جنهن تي ڪنگنا چيو ته هن بالي ووڊ کي تمام ويجهو کان ڏٺو آهي، اتي سڀ هڪ جهڙا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن بالي ووڊ فنڪار ڪنهن فلم ۾ ڪم ناهن ڪندا ته وٽن ٻيو ڪو ڪم ناهي هوندو، هو دنيا جي واندي ترين مخلوق بڻجي ويندا آهن، صبح جو اُٿندا آهن، ٿوري دير ورزش ڪندا، وري سمهي پوندا، وري اُٿندا، بس اِهو ئي سندس معمول هوندو آهي.
هن اِهو به چيو ته بالي ووڊ فنڪارن جي ڪچهري رڳو برانڊڊ بيگز ۽ گاڏين تائين محدود هوندي آهي، مون کي اڄ تائين بالي ووڊ ۾ ڪو اهڙو فنڪار ناهي مليو جيڪو برانڊڊ شين بابت نه ڳالهائيندو هوندو.
اداڪارا چيو ته بالي ووڊ پارٽيز بابت انڪشاف ڪندي چيو ته ماڻهو سمجهندا آهن ته بالي ووڊ پارٽيز انتهائي شاندار هونديون آهن پر حقيقت ته اِها آهي ته انهن پارٽين ۾ ڪو به پنهنجي شخصيت، ذهانت، يا فن بابت ناهي ڳالهائيندو، مون لاءِ بالي ووڊ پارٽيز هڪ صدمي جهڙيون هونديون آهن.
You might also like