چاهيون ٿا ته پنجاب ۾ به ۾ سنڌ جيان مفت علاج جون سهولتون هجن: بلاول ڀٽو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاه کي مشورو ڏنو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جڏهن به ڪراچي اچي ته کيس ٽن وڏين سرڪاري اسپتالن جو دورو ضرور ڪرائي.
بلاول ڀٽو زرداري جناح اسپتال ڪراچي ۾ 120 بسترن تي ٻڌل ڊپارٽمينٽ آف سائيڪاٽري اينڊ بيهيويورل سائنسز ۽ 110 بسترن تي مشتمل ڊپارٽمينٽ آف نيوولوجي اينڊ اسٽروڪ يونٽ جو افتتاح ڪيو.
ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول جو چوڻ هو ته اڄ اسان ٽين سائبر نائف مشين جو جناح اسپتال پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ افتتاح ڪيو آهي جيڪا پاڪستان جي شهرين کي بلڪل مفت علاج فراهم ڪندي.
هن چيو ته دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جتي ڪئنسر جو علاج جديد مشين ذريعي بلڪل مفت ڪيو ويندو هجي، ڪئنسر جي علاج لاءِ ملڪ جي ڏورانهين علائقن کان ماڻهو هتي اچن ٿا.
بلاول ڀٽو وڏي وزير کي مشورو ڏنو ته چونڊن دوران وزيراعظم اسپتالن جو پڇي رهيو هو، انڪري هاڻي جڏهن به وزيراعظم ڪراچي اچي ته کيس اين آءِ سي وي ڊي، جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ اين آءِ سي ايڇ جو دورو ڪرايو.
سندس چوڻ هو ته هو پنجاب صوبي کي به مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ڇو ته سندن خواهش آهي ته لاهور ۾ به سنڌ جيان مفت طبي امداد جون اهڙيون سهولتون موجود هجن.
پ پ چيئرمين چيو ته صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو ۽ وڏو وزير کي به پنجاب موڪلڻ لاءِ تيار آهيون ته جيئن لاهور ۾ به ڪراچي جيان مفت علاج جي سهولت ملي سگهي.
بلاول چيو ته چونڊ مهم دوران به صحت جي سهولتن تي بحث تي ڳالهيون ٿيون هيون، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي ايڇ ۽ جناح اسپتال بهترين اسپتال آهن، اوهان ٻڌو هوندو ته سنڌ حڪومت ڪم ناهي ڪندي، ايڪشنز اسپيڪ لائوڊز دين ورڊز .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.