ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير سعيد غني پنجاب حڪومت جي سستي بجلي اسڪيم کي سياسي ڏيکاءُ قرار ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ سعيد غني چيو ته پنجاب حڪومت جي اسڪيم ته 45 ارب جي آهي ۽ اشتهاري مهم اربين رپيا الڳ خرچ ٿيندا.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ سرڪار ڪنهن کي ڪوڙو آسرو نه ڏيندي، عوام کي ٻن مهينن لاءِ ٻه چئن هزار رپين جو رليف ڏيڻ بدران مستقل بنيادن تي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي ته سنڌ به 45 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
You might also like