ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مرحوم اداڪار سُشانت سنگهه راجپوت جي ويجهي دوست ۽ ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر مڪيش ڇابڙا اداڪار جي اڻپوري خواهش بابت ٻڌائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بالي ووڊ جي مشهور فلمن، بجرنگي ڀائيجان، راڪ اسٽار، دنگل ۽ جوان جي ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر مڪيش ڇابڙا پنهنجي هڪ تازي انٽرويو دوران سشانت سنگهه راجپوت جون ڪجهه يادگيريون شيئر ڪيون آهن.
مڪيش ڇابڙا چيو ته ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر طور ڪيئي ناميارن بالي ووڊ ستارن کي فلمن لاءِ آديشن ڏيندي ڏٺو آهي جن شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ عامر خان به شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته پنهنجي تجربي جي بنياد تي اِها ڳالهه يقين سان چئي سگهي ٿو ته سشانت سنگهه ۾ بهترين اداڪار بڻجڻ جون صلاحيتون ڪنهن به وڏي بالي ووڊ اسٽار کان گهٽ نه هيون، هو انڊسٽري ۾ گهڻو اڳتي وڃي پئي سگهيو.
هدايتڪار چيو ته انڊسٽري ۾ سگهاريون ڌريون ٻاهران آيل ٽيلينٽ کي قبول ناهن ڪنديون، هتي هر ڪوئي شاهه رخ خان جي شهرت مان متاثر آهي ۽ بالي ووڊ ۾ سشانت سنگهه کي به شاهه رخ خان جهڙي شهرت ملڻ لڳي هئي.
هن چيو ته جيڪڏهن اڄ سشانت سنگهه زنده هجي ها ته هو پنهنجي صلاحيت ۽ زبردست اداڪاري جي ڪري بالي ووڊ جو ٻيو شاهه رخ خان هجي ها.
مڪيش ڇابڙا سشانت سنگهه جي اڻپوري خواهش بابت ٻڌائيندي چيو ته هو سشانت جي ويجهن دوستن ۾ شامل هو، ٻنهي جي گڏ ڪيئي فلمون ٺاهڻ جي خواهش هئي، ماڻهو اسان کي اداڪار ۽ هدايتڪار جي جوڙي طور ياد رکن پر ٻنهي جي خواهش اڻپوري رهجي وئي.
ياد رهي ته سشانت سنگهه راجپوت 14 جون 2020ع ممبئي ۾ واقع پنهنجي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيو هو، اداڪار جي موت کي آپگهات قرار ڏنو ويو .
You might also like