” خبر ناهي بنگلاديش ۾ ڇا ٿي رهيو آهي“ هيڊ ڪوچ لڙڪ لاڙي ويٺو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ چنديڪا هٿورا سنگهي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڳالهه ٻولهه دوران جذباتي تي لڙڪ لاڙي ويٺو.
بنگلاديشي هيڊ ڪوچ بنگلاديش ۾ ڪيئي خاندان پنهنجي پيارن جي زندگين تان هٿ ڌوئي چڪا آهن، خبر ناهي هاڻي اتي ڇا ٿي رهيو آهي، مون کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ آهي.
چنديڪا هٿورا سنگهي چيو ته جيڪڏهن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ مون کي تبديل ڪندوته فيصلو قبول ڪندس، بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪارڪردگي تي ڳڻتي ضرور آهي.
سندس چوڻ هو ته هو مشتاق احمد کي 1998 کان سڃاڻي ٿو، سندس بنگلاديش ٽيم کي جوائن ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي.
هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته پنڊي جي پِچ فاسٽ بالرن ۽ بيٽنگ لاءِ سازگار لڳي رهي آهي، پاڪستاني سليڪٽرن پهرين ٽيسٽ لاءِ اسپنرز کي سليڪٽ ناهي ڪيو، بنگلاديشي اسڪواڊ ۾ فاسٽر بالر ۽ ٻه اسپن آل رائونڊر شامل آهن.
چنديڪا هٿورا سنگهي چيو ته بنگلاديش اي جو دورو شيڊيول ڪرڻ پي سي بي جا ٿورائتا آهيون، ڪنڊيشنز نه پر ميرٽ تي اسپنرن کي اسڪواڊ ۾ چونڊيو، لاهور ۾ به ٽي ڏينهن ڀرپور پريڪٽس ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.