پنجاب حڪومت جو 14 رپيا رليف لاءِ بجلي ڪمپنين کي خط

لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي هدايت  تي واهپيدارن کي 14 رپيا في يونٽ رليف ڏيڻ لاءِ پنجن ڪمپنين کي خط لکيا ويا آهن جن ۾ اسلام آباد، لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان جون ڊسڪوز شامل  آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته 14 رپيا في يونٽ گهٽتائي جي حڪومتي پيڪيج جي رقم کان آگاهه ڪيو وڃي جنهن کانپوءِ بجلي جي اصل لاڳت ۽ رليف ۾ فرق واري رقم حڪومت ادا ڪندي. بجلي ڪمپنين طرفان گهرجن تي پنجاب حڪومت گهربل رقم ڊسڪوز کي منتقل ڪندي. صوبائي حڪومت جي خط کانپوءِ بجلي ڪمپنيون 201 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙن جا بل جلد گهٽ ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.