فيض نيٽ ورڪ خلاف ڪارروايون جاري، جنرل(ر)باجوا ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو خواهشمند؟

اسلام آباد(نصرت جاويد) فيض حميد نيٽ ورڪ جي اهم ڪردارن جون گرفتاريون جاري آهن،ذريعن موجب ايندڙ وقت ۾ 12 کان 13 اهم گرفتاريون ٿيڻ جو امڪان آهي،معاملو رڳو ٽاپ سٽي جو ناهي، 3 اهم گرفتار ٿيل فوجي آفيسرن تي به آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي،برگيڊيئر(ر)نعيم فيض حميد جو ويجهو ساٿي آهي، 2018ع جي چونڊن دوران هو راولپنڊي ۾ مقرر رهيو، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلين ۾ به هن جو ڪردار سامهون آيو آهي،ڪرنل عاصم فيض حميد جو ڪورس ميٽ رهيو آهي، هتي اها ڳالهه حيران ڪندڙ  آهي ته جنرل فيض جيڪو آءِ ايس آءِ جي ناليواري ڳجهي اداري جي سربراهي ڪري چڪو آهي ان کي پنهنجو گهيرو تنگ ٿيڻ جو اندازو ئي نه ٿيو،پنهنجي گرفتاري کان چار ڏينهن اڳ هن هڪ نئين موبائل سم خريد ڪئي هئي،هن پنهنجي ويجهن ماڻهن کي فون ڪري چيو ته هاڻي مون سان هن نمبر تي رابطو ڪجو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل باجوا روٽين ۾ صبح سوير اٿي پهرين شيو ڪندو آهي ان دوران هو مختلف صحافين جا وي لاگ ٻڌندو آهي پر گذريل ٽن ڏينهن کان هن شيو ئي ناهي ڪئي،ذريعن موجب تازي صورتحال تي هو گهڻو پريشان آهي ۽ دوستن کي چئي رهيو آهي ته مون کي ملڪ مان وڃڻ ڏنو وڃي،ايندڙ مرحلي ۾ سياسي ڪارڪنن،سياسي اڳواڻن ۽ صنعتڪارن جون به گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون،

ايم ڪيو ايم اڳواڻ رضا عابدي جي قتل ۾ به جنرل فيض جو هٿ؟

اسلام آباد(گوهر بٽ) ابصار عالم جي رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رضا عابدي جي قتل ۾ جنرل فيض جو هٿ هو، عمران خان جي حامي اينڪر آفتاب اقبال به پارٽي بدلائي ڇڏي،هو به جنرل فيض خلاف ڳالهائڻ لڳو، آفتاب اقبال ماضي ۾ جنرل فيض حميد ذريعي هڪ رپيو ڀرڻ کان بغير ٻن ٽي وي چئنلن جو مالڪ بڻيو،هڪ ٽي وي چئنل جي مالڪ کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، انهن ۾ هڪ چئنل آپ نيوز ۽ ٻيو انڊس نيوز شامل آهي، ان ڪم لاءِ جنرل فيض تڏهوڪي پيمرا چيئرمين ابصار عالم تي به دٻاءُ وڌو هو ته اهي چئنل آفتاب اقبال جي نالي تي منتقل ڪيا وڃن،آپ نيوز چئنل هلائڻ لاءِ ٽاپ سٽي جي مالڪ ڪنور معيز ۽ ملڪ رياض جو پئسو استعمال ڪيو ويو، بعد ۾ چئنل جي مالڪي تان آفتاب اقبال ۽ ملڪ رياض وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، چئنل جي سي اي او آفتاب اقبال تي 85 ڪروڙن جي ڪرپشن به ثابت ٿي،

جنرل(ر)فيض حميد کي سخت سزا ۽ جائيداد به ضبط ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(فخر دراني)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد کي سزا سان گڏ سندس جائيداد به ضبط ٿي سگهي ٿي، 1999ع  جي فوجي بغاوت دوران تڏهوڪي وزيراعظم نوازشريف پاران مقرر ڪيل آرمي چيف جنرل ضياالدين بٽ کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو هو ته هن تي به فوج ۾ بغاوت جو الزام هو،جنرل فيض جو ڏوهه هن کان به وڏو آهي،هن کي ان کان به سخت سزا ملي سگهي ٿي سندس سموري ملڪيت ضبط ٿي سگهي ٿي، هن کي سوليٽري ڪنفائنمينٽ جي سزا به ٿي سگهي ٿي،ڪجهه هفتن ۾ ئي صورتحال واضح ٿي ويندي

رئوف حسن آرمي چيف بابت ڳجهي معلومات ڀارت کي ڏئي ڇڏي، ثبوت هٿ

اسلام آباد (م ڊ): پي ٽي آءِ جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن جي ڀارت سان لاڳاپن جا شاندار ثبوت سامهون اچي ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو رياست مخالف موقف پکيڙڻ ۾ ڀارتي سهولتڪاري  جو انڪشاف ٿيو آهي. پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري رئوف حسن جي آمريڪي شهري رائن گرم کانپوءِ ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سان واٽس ايپ تي ٿيل رابطا بي نقاب ٿيا آهن. 19 نومبر 2022 تي ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سان رئوف حسن  باضابطا رابطو ڪيو. شروعاتي واٽس اپ پيغام ۾ ڀارتي صحافي رئوف حسن کان شاهه محمود قريشي جي انٽرويو بابت سوال ڪيو. ڪرن ٿاپر  رئوف حسن سان ڳالهه ٻولهه دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير کي سخت قرار ڏنو. 25 نومبر 2022 تي ڪرن ٿاپر رئوف حسن سان هڪ پيغام وسيلي موجوده آرمي چيف بابت هڪ پاڪستاني صحافي جو شيئر ڪيو. جواب ۾ رئوف حسن پاڪستاني صحافي کي  اعتبار جوڳو شخص قرار نه ڏنو ۽ آرمي چيف بابت حساس معلومات ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سان شيئر ڪئي. رئوف حسن فيبروري 2023 ۾ واٽس اپ پيغام ذريعي يوڪرين جي معاملي تي ڀارتي موقف کي ساراهيو هو. هن پاڪستان تي تنقيد ڪندي سنگين الزام لڳائيندي چيو ته پاڪستان جو موقف انتهائي حيران ڪندڙ آهي، پاڪستان گڏيل قومن ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو پر اهڙيون خبرون آهن ته پاڪستان يوڪرين کي هٿيار فراهم ڪيا آهن. مارچ 2023 ۾ ڪرن ٿاپر کي پيغامن ۾ پي ٽي آءِ باني جي گهر مان گرفتارين کي رياستي تشدد قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان خوني انقلاب لاءِ تيار نظر اچي ٿو. 10 مئي 2023 تي زوم ذريعي ڪرن ٿاپر رئوف حسن جو هڪ انٽرويو به رڪارڊ ڪيو هو.11 مئي 2023 تي هڪ واٽس ايپ پيغام ذريعي رئوف حسن جا ڀارتي ڪرن ٿاپر لاءِ لاپرواهي وارا واٽس اپ پيغام انتهائي پريشان ڪندڙ آهن. دفاعي ماهرن موجب هي ميسيج دراصل ڪرن ٿاپر جي پٺيءَ تي ويٺل ”را“ جي آفيسرن لاءِ معلومات جو خزانو هو، پي ٽي آءِ ترجمان انهن پيغامن ذريعي پاڪستان جي مخالفت ڪرڻ لاءِ ملڪ جي حساس معلومات هڪ هندستاني تائين پهچائي. اهي واٽس ايپ پيغام تصديق ڪن ٿا ته رئوف حسن ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر ذريعي پاڪستان خلاف پروپئگنڊا ڪئي. دفاعي ماهرن موجب ڀارتي ميڊيا ۾ رياست مخالف انهن ثبوتن کي نظر ۾ رکندي رئوف حسن ۽ سندس سهولتڪارن خلاف ڀرپور ۽ مڪمل جاچ ڪئي وڃي.

جنرل فيض جي ڪرتوتن جي جنرل(ر)باجوا خاموش ڇو رهيو؟

اسلام آباد(حامد مير)جنرل(ر) فيض حميد ٽاپ سٽي هائوسنگ اسڪيم تي 2017ع ۾ چڙهائي ڪئي هئي ان وقت هو آءِ ايس آءِ ۾ ڊي جي سي هو، ان معاملي جي انڪوائري تڏهن ايم آءِ ۾ مقرر ميجر جنرل عاصم منير(موجوده آرمي چيف) ڪئي هئي،ٽاپ سٽي جي مالڪ ڪنور معيز جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هو،تڏهن جنرل باجوا کي هر شئي جي خبر پئجي وئي، هو خاموش رهيو، سوال اهو آهي ته جنرل فيض جي ڪرپشن جي جنرل باجوا کي سڄي خبر هئي ان جي باوجود هن جنرل فيض کي ٻه ڀيرا پروموشن ڏني،جنرل فيض جهڙا ڪردار پاڪستان ۾  پهريون ڀيرو پيدا ناهن ٿيا، هن کي سياست ۾ مداخلت جي کليل ڇوٽ مليل هئي،سياست ۾ مداخلت جاري رهي ته هڪ ٻيو جنرل فيض پيدا ٿي ويندو،

ثاقب نثار فيض حميد بابت سوال تي ڪاوڙجي ويو

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ۽ 9 مئي سان لاڳاپن بابت پڇيل سوال تي ناراض ٿي ويو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شريڪ صحافي ثاقب نثار سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جا تفصيل ٻڌايا. هن چيو ته فيض حميد کان جاچ ۾ ثاقب نثار بابت اشارا ملي رهيا آهن، فيض حميد بابت انڪوائري ۾ سندس نالو به ورتو پيو وڃي. صحافي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ هن اڳوڻي چيف جسٽس سان رابطو ڪري ٽاپ سٽي ڪيس بابت موقف معلوم ڪيو، صحافي جي سوال جي جواب ۾ ثاقب نثار چيو ته جج جي حيثيت سان هن پنهنجي فهم ۽ ڄاڻ ۽ ان وقت موجود رڪارڊ موجب فيصلا ڪيا. جڏهن صحافي فيض حميد ۽ 9 مئي سان سندس لاڳاپن بابت سوال ڪيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ جواب ڏنو ته هو انهن معاملن جو ذميوار ناهي. صحافي وڌيڪ چيو ته سندس ڄاڻ موجب ثاقب نثار خلاف اهم ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ اهي ثبوت سندس لنڊن وڃڻ جو بنياد بڻجي ويا آهن. جيتوڻيڪ اڳوڻي چيف جسٽس دعويٰ ڪئي ته هو معمول موجب لنڊن آيو آهي، صحافي چيو ته روانگي اهڙي وقت ٿي جڏهن عمران خان جا بيان گذريل ٽن هفتن دوران تبديل ٿي ويا هئا.

فيض حميد طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ قيد ڪرايو هو

اسلام آباد(زاهد گشڪوري)جنرل فيض حميد تي الزام آهي ته هن 2024ع جي اليڪشن ۾ به مداخلت جي ڪوشش ڪئي هئي  جنهن جي شڪايت اليڪشن ڪميشن دفاع واري وزارت کي ڏني هئي، جڏهن ته اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته فيض حميد  اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال پاران جنسي طور هراساني جو شڪار ٿيل طيبه گل کي عمران خان جي دور ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قيد ڪيو هو،طيبه گل جي خانداني ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي،طيبه گل جڏهن انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ وئي هئي تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار سندس الزام رد ڪندي کيس انصاف ڏيڻ کان انڪار ڪيو

فيض – نيازي ملي ڀڳت ملڪ دشمنيءَ جو بدترين مثال آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عمران خان ۽ فيض حميد جي ملي ڀڳت ملڪ دشمني جو بدترين مثال آهي، تحريڪ انصاف جي ملڪ دشمن ايجنڊا بي نقاب ٿي چڪي آهي. پنهنجي بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته  رئوف حسن ۽  ڀارتي صحافي جي لاڳاپن سان پي ٽي آءِ جي ملڪ دشمن ايجنڊا ٻيهر بي نقاب ٿي وئي آهي. عطا تارڙ چيو ته پرڏيهي فنڊنگ گروپ ملڪ دشمني جون حدون پار ڪري چڪو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندن اصل مقصد پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ هو. وفاقي وزير چيو ته فيض، نيازي ۽ بشرا پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ ملڪ خلاف سازشون ڪيون. فيض- نيازي جي ڳٺ جوڙ، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن کي قيادت خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ به پاڪستان مخالف بيان بازي ڪئي.

اڳوڻو آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا وطن واپس پهچي ويو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اڳوڻو آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا وطن واپس پهچي ويو آهي.جنرل (ر) باجوه خانگي دوري تي خاندان سميت يورپ ۽ گڏيل عرب امارات پهتو، اڳوڻو آرمي چيف سوئٽزرلينڊ، جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي گهرواري سان وقت گذاري رهيو هو. هن هفتي جنرل باجوه دبئي ۾ پنهنجي پٽ جي گهر تي رهيو هو ته هڪ مهيني کانپوءِ گذريل رات دبئي کان راولپنڊي پهتو.جنرل باجوه پنهنجي زال سميت پاڪستان ۾ ئي رهندو.

فيض کانپوءِ ڪنهن جو وارو؟ باجوا،ظهيرالاسلام،آصف غفور به گرفتار ٿيندا؟

اسلام آباد(عبدالقدوس)جنرل فيض حميد جي گرفتاري نوراڪشتي آهي؟ جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه اڳوڻا آرمي چيف،آءِ ايس آءِ جا اڳوڻا سربراهه گرفتار ٿي سگهن ٿا، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد جو جنرل قمر جاويد باجوا،جنرل ظهير الاسلام ۽  جنرل آصف غفور سان ويجهو تعلق آهي، جيڪڏهن پلان بي تي عملدرآمد ڪيو ويو ته دير يا سوير انهن جنرلن ۾ به هٿ وجهي سگهجي ٿو،ذريعن موجب نوازشريف مطالبو ڪيو آهي ته انهن جنرلن کي به گرفتار ڪيو وڃي ان سان گڏ عمران خان حامي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي،پلان اي اهو آهي ته عمران خان کي اسٽريٽ پاور يا عدليه ذريعي اقتدار ۾ 10 سالن لاءِ آندو وڃي،پلان ڪامياب ٿيو ته پاڪستان جا ڀارت ۽ آمريڪا سان لاڳاپا گهٽ ٿيندا ۽ چين سان گهٽ ٿيندا،پلان بي ۾ نواز ليگ، پ پ،آرمي چيف،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شامل آهن ان ذريعي به ايندڙ 10 سالن تائين حڪومت جاري رهندي

فيض حميد جا جواب به منظرعام تي اچڻ گهرجن: شاهد خاقان

اسلام آباد (م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر شاهد خاقان عباسي چيو ته فيض حميد خلاف الزام پبلڪ ڪيا ويا ته فيض حميد جي پروسيڊنگ کي به پبلڪ ڪيو وڃي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي  هن چيو ته فيض حميد جي گرفتاري پنهنجي نوعيت جو غير معمولي معاملو آهي. حڪومت الزام هڻي رهي آهي ته فيض حميد جو جواب به پبلڪ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته 9 مئي جي وقت فيض حميد فوج ۾ نه هو. جيڪڏهن فيض حميد ڪجهه ڪيو آهي ته فوج ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. فيض حميد جو ڪنهن سان رابطو هجڻ ڏوهه ناهي. جيڪڏهن ڪا سازش ڪئي وئي ته پوءِ ڏوهه ٺهي ٿو. جيڪڏهن سازش ٿي ته پوءِ پراسيڪيوشن حڪومت جي ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.