جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي نئين سوشل ميديا پوسٽ مداحن کي ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيو.
ڪرسٽيانو رونالڊو انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس هڪ اسٽوڊيو ۾ هر هر پنهنجي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو جي بيڪ گرائونڊ ۾ هڪ وائس اوور آرٽسٽ کي اهو چوندي به ٻڌي سگهجي ٿو ته ائين تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان ڪرسٽيانو رونالڊو کي نئين پراجيڪٽ جي ڄاڻ شيئر ڪرڻ کان روڪيو.
رونالڊو جي اها وڊيو ڏسڻ کانپوءِ مداحن مختلف قسمن جون اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ڪجهه مداحن جو خيال آهي ته فٽبالر پنهنجو پوڊ ڪاسٽ شروع ڪري رهيو آهي يا وري اها وڊيو ڪنهن برانڊ جي ميڊيا سان جڙيل ڪنهن پراجيڪٽ جو حصو آهي.
ڪجهه مداحن جو چوڻ آهي ته پراجيڪٽ فٽبال تان رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو جو ڪو نئون هدف ٿي سگهي ٿو.
Next Post
You might also like