متان ئي ڪي عورتون هجن جن کي صحتمند ۽ خوبصورت وار نه هجن، ڇو جو اهي ئي عورتن جي خصوبصورتي جي سڃاڻپ هوندا آهن.
سڄي رات وارن ۾ تيل وجهي سمهي پوڻ هڪ قديم روايت آهي جيڪا اڄ به هلندي پئي اچي، گھرن ۾ موجود بزرگ عورتون اڃا به وارن ۾ سڄي رات تيل وجهي سمهڻ تي زور ڏينديون آهن.
پر جديد ور ۾ نت نئين ريسرچز جي ڪري سوشل ميڊيا تي هر طرح جي ڄاڻ دستياب آهي.
ان ڳالهه کان انڪار ممڪن ناهي ته خوبصورت وارن جو راز باقاعدگي سان لڳائڻ سوڌو انهن جي سٺي سار سنڀال ۾ لڪيل آهي، پر هر شيءِ لاءِ هڪ مناسب طريقيڪار هوندو آهي.
عورتون گھڻو ڪري خوش گماني ۾ وارن ۾ سڄي رات تيل لڳائي ڇڏي ڏينديون آهن، انهن جو اهو مڃڻ هوندو اهي ته وارن ۾ سڄي رات تيل لڳائڻ جادوئي تبديلي آڻيندو آهي.
ماهرن هڪ تحقيق ذريعي عورتن جي انهن سڀني خوش گمانين کي غلط قرار ڏيندي ٻڌايو آهي ته اهو قدم وارن جي صحت کي سخت متاثر ڪندو آهي.
ماهرن رات جو وارن ۾ تيل وجهي سمهڻ کي نقصانڪار قرار ڏنو آهي.
سڄي رات وارن ۾ تيل وجهي سمهڻ هيئر فوليڪلز(hair follicles) کي نه رڳو بلاڪ ڪندو آهي پر چهري تي هڪ خاص قسم جي موهيڙن، پوميڊ ايڪني (pomade acne) جو سبب به بڻجي سگھي ٿو.
ڊگهي وقت لاءِ وارن ۾ تيل کي ڇڏي ڏيڻ ”سيبوربيڪ ڊرماٽائٽس (seborrheic dermatistis) نالي هڪ خطرناڪ فنگل انفيڪشن کي هٿي ڏيڻ آهي.
ان جي ڪري اسڪيلپ، ڀرون، ڪنن جي پٺيان ۽ نڪ جي چوڌاري سڻڀ وارا ڦڪي رنگ جا داڻا پيدا ٿيندا آهن.
سڄي رات وارن ۾ تيل وجهي سمهڻ چهري جي رنگ کي به متاثر ڪري سگھي ٿو.
ماهرن وارن ۾ تيل وجهي سمهڻ جو وقت گھٽ ۾ گھٽ 30 منٽ ۽ وڌ کان وڌ هڪ ڪلاڪ بهترين قرار ڏنو آهي.
Next Post
You might also like