ڀارت: حڪومت طرفان ورهايل بسڪيٽ کائڻ سبب 80 شاگرد اسپتال داخل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي هڪ اسڪول ۾ بسڪيٽ کائڻ سان 80 شاگردن جي طبعيت بگڙي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڇتر پتي سمڀا جي نگر جي ضلعي ڪائونسل اسڪول ۾ حڪومت طرفان فراهم ڪيل بسڪيٽ کائڻ سان ٻارن جي حالت خراب ٿي وئي.
رپورٽ موجب بسڪيٽ کائڻ سان 257 شاگردن جي حالت بگڙڻ تي کين ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻارن کي الٽي ۽ دست ٿي پيا.
اسپتال انتظاميا چيو ته ٻارن ۾ فوڊ پوائزننگ جون علامتون هيون، 80 ٻارن کي اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ ٻين کي شروعات طبي امداد ڏئي گهر موڪليو ويو، جڏهن ته طبعيت وڌيڪ بگڙڻ تي 7 ٻارن کي وڏي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اختيارين موجب ٻارن کي مڪمل طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.