جج جون ڌمڪيون، ايڪس جو برازيل ۾ ڪم بند ڪرڻ جو اعلان

برازيليا (ويب ڊيسڪ) مائڪرو بلاگنگ سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) برازيل ۾ ڪم بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايڪس اختيارين جو چوڻ آهي ته هنن برازيل جي جج ايلگزينڊرا موريس طرفان سينسر شپ جا آرڊر ڏيڻ کانپوءِ برازيل ۾ فوري طور ڪم بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب ايڪس اختيارين ٻڌايو ته جج اليگزينڊرا موريس برازيل ۾ ايڪس جي هڪ قانوني نمائندي کي ڳجهي طور ڌمڪايو، جج ايڪس تان ڪجهه مواد هٽائڻ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ گرفتاري جي ڌمڪي به ڏني.
ايڪس اختيارين جج جا مبينا طور صحيح ٿيل ڪجهه دستاويز به شايع ڪيا آهن، جن ۾ فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ روز جي بنياد تي 3600 ڊالرن جو ڏنڊ (تقريبن 10 لک پاڪستاني رپيا) ۽ برازيل ۾ ايڪس جي نمائندي جي گرفتاري جو حڪم شامل آهي.
ايڪس اختيارين موجب پنهنجي عملي جي حفاظت کي ڏسندي برازيل ۾ ڪم بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.