لاهور (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور گلوڪار عاطف اسلم پنهنجي گهرواري سارا ڀروانا کي ڊان قرار ڏئي ڇڏيو.
عاطف اسلم تازو انسٽاگرام تي گهرواري سارا ڀروانا سان گڏ پنهنجون ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون هيون.
ان پوسٽ جي آخري تصوير ۾ سارا جي سولو تصوير هئي، جيڪا گلوڪار ڪڍي هئي.
سارا جي ڄاڻايل سولو تصوير ٿوري ڌنڌلي هئي، جڏهن ته تصوير جو اينگل به خاص سٺو نه هو.
عاطف جي پوسٽ تي جتي مداحن تبصرا ڪيا، اتي ئي وري گهرواري جي ڀاءُ عباس مزاحيا ڪمينٽ ڪري سوشل ميڊيا پيجز جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.
عباس پنهنجي ڪمينٽ ۾ گلوڪار کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي دل ۾ توهان لاءِ احترام وڌي ويو آهي، ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته سارا جي بري تصوير ڪڍڻ کانپوءِ جيئرو رهڻ ڏکيو آهي، آخرڪار توهان بچي ويئو.
ان ڪمينٽ تي ردعمل ۾ عاطف اسلم گهرواري کي ڊان قرار ڏيندي چيو ته ڊان کي خوش ڪرڻ مشڪل ئي نه ناممڪن آهي.
You might also like