جنرل ضياءَ جو موت

تحرير: عاجز جمالي

جوھي ڇني روڊ تي مائٽن جي بوٽن جي دوڪان تي ڪم ڪندو ھوس، لکڻ پڙھڻ جو شوق ھئو ، ان شوق ۾ ئي شاعري لکڻ شروع ڪيم، جيتوڻيڪ تڏھن لکڻ جي ڪا باقاعدي تربيت ڪانه ٿيل ھئي ، تيستائين  ڪنھن به علمي ادبي شخصيت يا تنظيم سان به ڪا ملاقات ڪانه ھئي ،پر مان دوڪان تي واندڪائي ۾ اردو ڊائيجسٽ پڙھندو ھوس، يا ڪچي ڦڪي شاعري لکندو ھوس. تن ڏھاڙن ۾ مرحيات ضياءَ الحق ملڪ ۾ اسلام جي نالي تي پاڻ کي زوري صدر بڻائڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرايو. ھي 19 ھين ڊسمبر 1984 جي ڳالهه آھي ، مون پنھنجي ڪاپيءَ ۾ ان تي ھڪ نظم لکيو.

اصول ريفرينڊم ورتو جنم ،ڏسو ظلم. شام جو پنھنجو نظم پنھنجي ويجھي مائٽ کي پڙھي ٻڌايم ته چوڻ لڳو ته ٻئي ڪنھن کي نه ٻڌائجان، متان جيل ھليو وڃين. پر ان بوٽن جي دوڪان تي ئي اڳتي ھلي  مونکي جوھي جا ٻه شاعر ملي ويا ، جن سان منھنجي عليڪ سليڪ ۽ بعد ۾ دوستي ٿي وئي ، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو خليل عارف سومرو مون کي پنھنجي والد سائين احمد خان مدھوش سان ڪچھري ڪرائي ۽ عزيز ڪنگراڻي مون کي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ وٺي ويو، شروعاتي دور ۾ سائين احمد خان مدھوش مشاعرن ۾ وٺي ويندو ھئو ،پر سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ھر ھفتي وڃڻ سبب منھنجي جوھيءَ جي ادبي ،سياسي ۽ سماجي لڏي سان دوستي ٿي وئي ،ھنن گڏجاڻين ۾ ڪڏھن ڪڏھن اڪبر جسڪاڻي به ايندو ھئو ،جيڪو اسان جوھي وارن جون لکڻيون ٻارن جي رسالي گل ڦل ۾ شايع ڪندو ھئو ، تڏھن اڪبر اسسٽنٽ ايڍيٽر ھئو بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ کيس گل ڦل جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، سنڌي ادبي سنگت سان گڏ مان شھر جي سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رھيس ڪڏھن جوھي نوجوان تنظيم ۾ شھر جا سمورا نوجوان سرگرم ھئا ، پر مون کي ھتي اھي، ڪامريڊ مليا جيڪي پھرين ڊي ايس ايف ۽ نيٺ ڪميونسٽ پارٽيءَ تائين پھچايائون، قصو مختصر شاگرد سياست ۾ ان حد تائين سرگرم ٿي ويس جو 13 آگسٽ 1986 جي شام ڌاري پيپلز پارٽي اڳواڻ اڪبر کوسي جي گھر تي ايم آر ڊي جي ورجاءَ ۾ 14 ھين آگسٽ تي جلسي ڪرڻ لاءِ تيارين تي گڏجاڻي پئي ڪئي ته پوليس ڇاپو ھڻي بشير ٿھيم ، وفا برھماڻي ،اڪبر کوسي سميت گرفتار ڪري ٿاڻي تي پھچايو ، مائٽن جنھن شاعري ڪرڻ کان روڪيو ھئو نيٺ شاعري کان ڪميونسٽ پارٽيءَ تائين پھتس ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ کان جيل تائين پھتس. حيدر آباد سينٽرل جيل ۾ مھينو ڏيڍ رھڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿي وياسين ۽ ان تاريخي جدوجھد سان سلهاڙجي وياسين جيڪا شھيد نذير عباسي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي ھئي. پوءَ ته ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ خلاف ھر جدوجھد ۾ شامل رھياسين ، ان سڄي جدوجھد ۾ 7 آگسٽ 1988 جو ڏينھن تاريخي ڏينھن جي صورت ۾ سامھون آيو جڏھن جنرل ضياءَ جو جھاز ھوائن ۾ پرزا پرزا ٿي ويو ھئو، ضياءَ جي موت جي خبر سڄي ملڪ جي ترقي پسندن ، جمھوريت پسندن لاءِ وڏي خوشخبري ھئي ,ماڻھن مٺايون ورهايون ھيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.