جنرل فيض حميد: ولي عهد ھئڻ جي سزا

تحرير: محمد حنيف

اسان صحافين ۾ لک نظرياتي اختلاف هجن،پر هڪ ڳالهه گڏيل آهي ته جڏهن بھ ڪا وڏي خبر ايندي ته اسان مان ڪو نھ ڪو ضرور چوندو تھ اھا خبر تھ مان ٻه سال اڳ  بريڪ ڪري ڇڏي ھئي.جيڪڏھين ڇاپي نھ ھئي تھ نيوز روم ۽  پريس ڪلب ۾ دوستن کي ٻڌائي ڇڏي هئي  تھ ھيئن ٿيندو.

زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو موقعو مليو آھي جو مان بھ چئي سگھان تھ جڏهن اسلام آباد جا منھنجا سينيئر صحافي چئي رهيا هئا ته جنرل فيض حميد ايندڙ آرمي چيف هوندو ۽ جڏهن تحريڪ انصاف جو هر ڪارڪن پنهنجي ليڊر عمران خان ۽ جنرل فيض حميد جي جوڙي کي ڪرن ارجن بڻائي پيش ڪري رھيو ھو. جيڪي پنهنجي سياسي دشمنن کي چيري ناس ڪري ڇڏيندا.تڏھن مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو هو ته جنرل فيض حميد ڪيترو به قابل هجي هو آرمي چيف نه بڻجي سگهندو.

مان ھڪ انتهائي بي خبر صحافي آهيان، اسلام آباد ۽ پنڊي جي اقتداري جي غلام گردشن ۾ ٿيندڙ سُسس ُپس مون تائين نه پهتي، تنهن ڪري جڏهن فيض حميد آءِ ايس آءِ جو سربراهه ٿيو ته رڳو فيض آباد واري ڌرڻي جي سلسلي ۾ ھن جو نالو ٻڌو ھو.ان کان سواءِ ھن جي باري ۾ ڪجھھ نھ ڄاڻندو ھوس. سينيئر صحافين جي ھڪ دعوت ۾ موجود ھوس. هڪ انتھائي باخبر صحافي جيڪو عرصو ٿيو سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي چڪو آھي، پر ڪا به خراب خبر اچي تھ  سگريٽ ٻاري وٺندو آھي. ھن مون کان سگريٽ ُگھريو، مون پڇيو سر،خيريت. هن چيو ته فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻجي ويو آهي. مون پريشاني جو سبب پڇيو ته ھن چيو تھ اھو ڏاڍو سخت گيرآهي. ميڊيا تي ڏکيو  وقت اچڻ وارو آهي. پوءِ هڪ ٻه واقعاٻڌائيندو ويو جنھن ۾جنرل صاحب اھڙي زبان استعمال ڪئي ھئي جيڪا ڪنھن اخبار ۾ نٿي ڇپجي سگھي.

مون پنهنجي بي خبريءَ ۾ کيس دلجاءِ ڏني ته اسان کي روزانو ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان کي اندرکان ۽ ٻاھران کان خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ فيصل ايڌي صاحب کي اهو عهدو ڏيڻ کان تھ رھيا.ظاھر آھي سخت ٻانھپ  جي طبيعت وارو جنرل ئي آءِ ايس آءِ جو سربراھ بڻجندو.

گڏوگڏ بي خبريءَ ۾ اھا دلجاءِ  بھ ڏني ته توهان تھ جنرل حميد گل ۽ جنرل شجاع پاشا جهڙين شخصيتن کي ڀوڳي چڪا آھيو، جنرل فيض حميد توهان جو ڇا بگاڙيندو؟ ان جي ڪجهھ عرصي بعد ئي محترم سهيل وڙائچ ھڪ ڊگھو مضمون لکيو. ان جو عنوان ”باجوه ڊڪٽرائن“ ھو. جنهن ۾ هن پاڪستان جي مستقبل جي فوجي ۽ سياسي قيادت جو نقشو چٽيو، هن جيڪو ڪجهه بھ لکيو، پي ٽي آءِ جي پوئلڳن ان ۾پنهنجي سونهري مستقبل جي جهلڪ ڏٺي . اهو هي ھو تھ  پهريان ڇهه سال جنرل باجوه ۽ عمران خان، ان کانپوءِ سپهھ سالار جنرل فيض حميد ۽ عمران خان ۽ ان کان اڳ جنرل آصف غفور ۽ عمران خان. خواهشن جي ٺهيل ان نقشي ۾ اهو طئي نھ هو ته ڪير ڪنهن کي ٺاهيندو.

مان ڪافي ڀيرا عرض ڪيو آهي ته توهان جا فوج سان اختلاف هجن جيئن موجوده حڪمرانن کي ان وقت هئا يا فوج سان عشق ھجي جيئن پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ان وقت ھو. فوج نه ته جمهوري ادارو بڻجندي ۽ نه بادشاهت. هتي آرمي چيف جو فيصلو نھ تھ توهان جي ووٽ سان ٿيندو ۽ نه ئي هتي ڪنهن کي ولي عهد مقرر ڪري سگهجي ٿو.

فرض ڪريو جنرل باجوه ۽ عمران خان گڏجي طئھ ڪري بھ ورتو هو ته جنرل فيض حميد ايندڙ آرمي چيف هوندو ته پوءِ ٻيا درجنين اميدوار جنرل حضرات ڇا رڳو سر جھڪائي ان فيصلي کي قبول ڪري وٺندا ۽ ُچپ چاپ گالف کيڏڻ ايندا.

فوج کي ان ڳالھھ تي ناز آهي ته ترقيون رڳو ميرٽ تي ٿين ٿيون. نواز شريف جو ڀاءُ وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، ُڀٽي جو ڏوھٽو پرڏيهي وزير بڻجي سگهي ٿو، پر جنرل باجوه چاهي ته به پنهنجي ڪنهن ڀائٽي کي ڪور ڪمانڊر مقرر نٿو ڪري سگهي، يا ڪو جنرل مشرف پنهنجي پٽ کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر نٿو ڪري سگهي. وڌ کان وڌ پنھنجي ڪنھن من پسند آفيسر کي ان عهدي لاءِ تيار ڪري سگهن ٿا، پر آخر ۾ فيصلو وزيراعظم کي ڪرڻو آهي. هن وٽ جيڪو به اختيار آهي،هو ان کي چونڊيندو جيڪو ٿورڙو تابعدار نظر ايندو ھجي ۽ آرمي چيف بڻجي هو وزيراعظم سان اهو ئي ڪجهھ ڪندو جيڪو جنرل ضياءُ الحق کان وٺي جنرل باجوه تائين ڪندا آيا آهن. تھ جنهن ملڪ ۾ ايس ايڇ او لڳڻ جي لاءِ سفارش ۽ سازشون ھلنديون ھجن ته اتي سپهھ سالار جي ُڪرسي جي لاءِ باقي قابل ۽ سخت گير جرنل ميدان خالي ڇو ڇڏيندا ؟

پي ٽي آءِ ۽ فوج جي محبت جي ڪھاڻي جو  هڪڙو  نتيجو اهو نڪتو تھ عمران خان جو هر پيروڪار پاڻ کي ڪور ڪمانڊر سمجهڻ لڳو، جنرل فيض حميد جي تصوير دل تي چنبڙائي گهمڻ ڦرڻ لڳو، پر جڏهن اصل ڪور ڪمانڊرن سان واسطو پيو تھ پيار جي ڪھاڻي دردناڪ ٿيندي وئي. پھرين تھ توھان اسان کان اسان جو محبوب جنرل ڦريو، پوءِ اسان جي قائد کي جيل ۾ وڌو ھاڻي اھي ڀڳل دليون وڃن ڪيڏانھن ؟

پراڻا بادشاهه به پنهنجا ولي عهد مقرري ڪندي گھڻي احتياط کان ڪم وٺندا ھئا، ڇاڪاڻ ته ڄاڻندا ھئا ته هڪ پٽ کي ولي عهد مقرر ڪنداسين ته باقي ڀائر دشمن ڏانهن ويندا.ان ڪري اڳوڻا بادشاهه پھرين باقي دعويدارن جو بندوبست ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن کيرپياڪ شهزادي کي پڻ ولي عھد بڻائڻو  پوندو هو تھ ڊپ هوندو هو ته محلات جي اندر لڪيل ڪو دشمن سندس کير ۾ زهر نھ ملائي ڇڏي.جنرل فيض حميد کي بھ ولي عهد بڻائي اھا غلطي ڪئي وئي.هن جا اهڙا دشمن پيدا ڪيا ويا، جيڪي هن جي کاڌي ۾ ڦڙو ڦڙو زهر ملائيندا رهيا ۽ هاڻي اسان جو مستقبل جو مسيحا جيل جي سيخن جي پٺيان آهي (اميد آهي ته ڪنھن آرامده آفيسر ميس ۾ ھوندو ) ته اسان جو فاتح ڪابل تھ اصل ۾ هڪ قبضي ڪندڙ گروپ جو اڳواڻ نڪتو. خدا مستقبل جي ولي عھدن  کي اهڙي انجام کان محفوظ رکي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.