جئه شاهه چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم پاڪستان موڪلڻ بابت اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري جئه شاهه آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم پاڪستان موڪلڻ بابت اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان وٽ آهي، ٽورنامينٽ جي نائين ايڊيشن ۾ ميزبان پاڪستان ۽ ڀارت سميت اٺ ٽيمون شامل آهن.
ميگا ايونٽ جي گروپ اي ۾ ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ افغانستان شامل آهن.
ڀارتي ٽيم جي پاڪستان آمد بابت سوال تي جئه شاهه جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان اڃا تائين ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي، وقت اچڻ تي بي سي سي آءِ معاملي کي حل ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جئه شاهه چيو ته بي سي سي آءِ طرفان ٽيم پاڪستان موڪلڻ بابت هن وقت تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو، پر تمام جلد فيصلو ڪيو ويندو.
ياد رهي ته ڀارت 2008 واري ايشيا ڪپ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ناهي ڪيو ۽ آخري ڀيرو پاڪستان 2012 ۾ ٻطرفي سيريز لاءِ ڀارت جو دورو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.