اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سينيئر وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفيق الرحيم چيو آهي ته پاڪستان شاهينز زبردست ڪرڪيٽ کيڏي ۽ خاص طور عمر امين ڏاڍو گهڻو متاثر ڪيو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشفيق الرحيم چيو ته اسلام آباد انتهائي خوبصورت شهر آهي، هو هتي پهريون ڀيرو آيو آهي، هتي سٺيون سهولتون آهن.
هن چيو ته پاڪستان شاهينز طرفان نسيم شاهه ۽ محمد علي به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، سندن ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي جن کي هتي سکڻ جو موقعو ملندو ۽ رانديگرن کي فائدو ٿيندو.
Next Post
You might also like