اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) ملڪ ۾ سوشل ميڊيا بحال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،جڏهن ته رنڊڪون برقرار آهن، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي سوشل ميڊيا ايپس خاص ڪري ٽوئيٽر (ايڪس) استعمال ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته واٽس اپ تي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وائس ميسيج، تصويرون ۽ وڊيوز ڊائون لوڊ نه ٿي رهيا هئا، انٽرنيٽ جي انتهائي سست رفتار سبب سڄي ملڪ ۾ آن لائين ڪاروبار سان جڙيل لکين ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو. گذريل ڏينهن انٽرنيٽ سرور پرووائيڊرز ايسوسي ايشن به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن انٽرنيٽ جي اها صورتحال جاري رهي ته ڊجيٽل معيشت کي سخت نقصان پهچندو ۽ عالمي ڪمپنيون پاڪستان بدران ٻين ملڪن ڏانهن وينديون.