ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي مشهور ٽي وي ميزبان مديحا نقوي شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور جوڙي آغا علي ۽ حنا الطاف وچ ۾ طلاق جي تصديق واري بيان تان ڦري وئي.
ويجهڙائي ۾ پاڪستان جي سينيئر اداڪارا شگفته اعجاز ۽ ونيزا احمد مديحا نقوي جي مارننگ شو ۾ خاص مهمان خور شرڪت ڪئي، جنهن دوران اداڪارائن پنهنجي ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميزبان مديحا نقوي شو جي هڪ سيگمينٽ دوران انڪشاف ڪيو ته آغا علي ۽ حنا الطاف وچ ۾ طلاق ٿي چڪي آهي ۽ فلحال ٻنهي جي زندگي ۾ ڪو به ڪونهي.
مديحا نقوي اهڙي تصديق کانپوءِ سندس شو جو اِها ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، حنا الطاق ۽ آغا علي جي طلاق جي خبرن جون هيڊلائينز ٺهڻ لڳيون پر هاڻ ميزبان پنهنجي بيان تي يوٽرن ورتو آهي.
ميزبان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل جي اسٽوري ۾ مشهور سوشل ميڊيا پيج جي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيو ويو ته مديحا نقوي آغا علي ۽ حنا الطاف وچ ۾ طلاق جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
مديحا نقوي اهڙن خبرن تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪنهن به جوڙي جي طلاق جي تصديق ڪندڙ هوءَ ڪير ٿيندي آهي.
هن چيو ته سندس شو ۾ مهمان اداڪارائن وچ ۾ هڪ گيم کيڏي پئي وئي ان دوران سندس زبان مان نڪري ويو، مون کي سوچي سمجهي ڳالهه گهرجي ها.
ميزبان چيو ته سندس ناضرين ڄاڻن ٿا ته مان ڪڏهن به ڪنهن جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جون ڳالهيون ناهيان ڪندي.
مديحا نقوي وڌيڪ چيو ته هوءَ حنا الطاف ۽ آغا علي جي جوڙي کان تمام گهڻو پسند ڪري ٿي، خوبصورت جوڙي کي رنج رسائڻ جو سوچي به نٿي سگهان.
ياد رهي ته حنا الطاف ۽ آغا علي 2020 ۾ لاڪ ڊائون دوران نڪاح ڪيو هو ۽ پنهنجي نڪاح جي خوشخبري اداڪارا انسٽاگرام ذريعي ڏني هئي.
گذريل ٻن ورهين کان جوڙي وچ ۾ عليحدگي جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر ٻنهي طرفان ڪڏهن به باظابطا طور اهڙي قسم جي خبرن جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي .