ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار يو يو هني سنگهه پنهنجي ايندڙ بين القوامي البم ” گلوري “ جو اعلان ڪندي ” ڪوڪ اسٽوڊيو “ پاڪستان ذريعي شهرت ماڻيندڙ وهاب بگٽي ۽ صاحبان سان گڏ گيت رڪارڊ ڪرائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هني سنگهه اڄڪلهه پنهنجي نئين البم جي تيارين ۾ رُڌل آهي، جنهن ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جا فنڪار شامل آهن.
ڪوڪ اسٽوڊيو ذريعي شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني راڳي وهاب بگٽي ۽ صاحبان اطالوي فنڪار لائونگ ۽ آمريڪي ريپر هينڊلز سان ترتيبوار ” بيبا“ ۽ ” ريپ گاڊ “ گيت تي ٽيم ٺاهيندا.
پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ٽريڪ لسٽ پوسٽ ڪندي هني سنگهه تصديق ڪئي ۽ 18 گيتن تي ٻڌل البم کي ” ميوزيڪل ايڪسپلوزن “ قرار ڏنو جيڪو 26 آگسٽ تي رليز ٿيندو.
ڀارتي گلوڪار هڪ بيان ۾ البم بابت چيو ته اِهو البم سرحدون اورانگهڻ ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان وڏي وِٿ ثابت ٿيندو.
Next Post
You might also like