جتي 9 مئي جا سهولتڪار آهن، اتي به احتساب ڪرڻو پوندو: عظميٰ بخاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته فوج ۾ خود احتسابي جو عمل سٺو سنوڻ آهي، جن جاين تي 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ جا سهولتڪار آهن انهن ادارن کي به خود احتسابي جو عمل شروع ڪرڻو پوندو.
پنهنجي بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته 9 مئي سانحي جو ذميوار گروهه وائکو ٿي رهيو آهي، فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ پارٽنر آهن، ڪا شئي لڪيل ناهي ته 9 مئي جو ماستر مائينڊ ڪير ۽ سهولت ڪار ڪير هو.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو نقاب لهڻ شروع ٿي ويو آهي، محسن ڪش ۽ احسان فراموشن جي هر ڊوڙ ۾ پي ٽي آءِ باني اڳڀرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.