پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي حڪومت ۾ اختلاف، ڪميونيڪشن ۽ ورڪس واري صوبائي وزير شڪيل خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر سيف چيو ته شڪيل خان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊجي صوبائي وزير بڻيو، شڪيل خان خلاف ڪرپشن ۽ بدانتظامي جون شڪايتون هيون.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني، شڪيل خان خلاف شڪايتن بابت ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن جي سفارشن تي شڪيل خان کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي سمري اماڻي وئي.
ڪي پي جي اطلاعات واري وزير بئريسٽر سيف چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور، ڪرپشن جي شڪايت تي شڪيل خان کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري سمري گورنر ڪي پي کي اماڻي آهي، شڪيل خان استعيفيٰ ڏئي ته ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اهو ڪميٽي جو استحقاق آهي ته ڪڏهن ثبوت سامهون آڻيندي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني جي هدايت موجب جنهن تي به ڪرپشن جو الزام هوندو ته جاچ ٿيندي، هي ڪميٽي حڪومت کان مٿانهين ٿي ڪري پارٽي سطح تي به جاچ ڪري سگهي ٿي، وڏي وزير خلاف به شڪايت ٿي ته جاچ ٿيندي.
ڪي پي جي اطلاعات واري وزير بئريسٽر سيف چيو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جو معاملو فوج جو اندروني مسئلو آهي، 9 مئي تي سياست ڪري تاثر ڏنو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ ملڪ دشمن آهي، 9 مئي تي سياست ڪري تحريڪ انصاف کي فوج سان ويڙهايو پيو وڃي.
بئريسٽر سيف چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار آهن، کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، جن ماڻهن ڀڃ ڊاهه ڪئي سندس وڊيو ثبوت پيش ڪري نشاندهي ڪئي وڃي.
You might also like