اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال چوڌري چيو آهي ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، شڪيل خان جي استعيفيٰ ڪي پي حڪومت ۾ ڪرپشن جو ثبوت آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانيال چوڌري چيو ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن ڪندڙن جي احتساب جو ڪو به ادارو ناهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف حڪومتي دور ۾ ڪرپشن عروج تي هئي، صوبائي وزير شڪيل خان جي استعيفيٰ ڪي پي ۾ ڪرپشن جو ثبوت آهي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ دانيال چوڌري چيو ته فوج ۾ خود احتسابي جو عمل سٺو سنوڻ آهي، 9 مئي سانحو وسارڻ جوڳو ناهي، ڏوهارين کي سزا ملڻ گهرجي، 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، پاڪ فوج جي شهيدن پنهنجو اڄ سندس سڀاڻي لاءِ قربان ڪيو.
هن چيو ته جيڪو به ملڪ جون پاڙيون ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، سندس احتساب ضروري آهي، تحريڪ انصاف ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو.
You might also like