ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلمن جي سپر اسٽار شان جي ڀيڻ زرقا شاهد پاڪستاني ادڪارائن جي نخرن ۽ روين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران زرقا شاهد انڪشاف ڪيو ته سندس ڀاءَ شان کيس جواني ۾ شوبز ۾ اچڻ ۽ ماڊلنگ جي اجازت نه ڏني هئي ڇو ته ان جي خلاف هو.
هن چيو ته پر هاڻ هوءَ فلم ” للڪارا سنگهه اِن لاهور “ ذريعي هدايتڪاري جي دنيا ۾ قدم رکي رهي آهي، ويهه ڪروڙ جي بجيٽ جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ فلم هن پنهنجي پٽ عيسيٰ کي ڪاسٽ ڪيو آهي جڏهن ته فلم ۾ پاڪستاني اداڪارا بدران پرڏيهي اداڪارا کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي.
انٽرويو دوران پرڏيهي اداڪارا کي ڪاسٽ ڪرڻ بابت زرقا شاهد چيو ته پنهنجي فلم ۾ پرڏيهي اداڪارا کي انڪري ڪاسٽ ڪيو ڇو ته ملڪي اداڪارائن ۾ صلاحيت ئي ناهي.
هن چيو ته اداڪارا صائمه کانسواءِ پاڪستاني اداڪارائن ۾ ڪو ٽيلنٽ ناهي، جڏهن هيروئنز ۾ ٽيلينٽ ناهي هوندو ته نخرا وڌي ويندا آهن.
زرقا شاهد وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٽِڪ ٽاڪر کي به فلم جي آڇ ڪئي وڃي ته ان جو جواب هوندو آهي ته سندس مئنيجر سان رابطو ڪيو وڃي ۽ جڏهن مئنيجر سان رابطو ويندو هو ڏهن ڏينهن جو وقت ڏيندو آهي.
هن چيو ته اسان جي اداڪارائن کي اِها خبر ئي ناهي ته پئسا ڪيئن وٺڻا آهن، اِهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجي فلم لاءِ پرڏيهي اداڪارا کي ڪاسٽ ڪيو جنهن نه رڳو بهترين رويو اختيار ڪيو پر اسان جي ادڪارائن جي ڀيٽ ۾ معاوضو به گهٽ ورتو.
You might also like