فيض حميد سان رابطن جو مامرو، اڳوڻو آءِ جي جيل شاهد سليم به گرفتار

لاهور ( ويب ڊيسڪ )اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد سان رابطن واري معاملي تي پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي جيل مرزا شاهد بيگ سليم بيگ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
جيل ذريعن موجب، اڳوڻي آءِ جي کي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب، مرزا شاهد بيگ کي لاهور جي علائقي شادمان مان سرڪاري رهائش گاهه مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته شاهد سليم پنج سال آءِ جي جيل طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي ۽ آڪٽوبر 2022 ۾ رٽارئرڊ ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.